ڪراچي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جو لاش وارثن پاران سانگهڙ_نوابشاهه روڊ تي رکي پوليس کاتي خلاف ڌرڻو

news

شاهپورچاڪر: سومر 17 جون 2019ع:ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان شھيد ٿي ويل اايس آر پي جي پوليس اهلڪار الھڏتو بوداڻي جو لاش شاهپورچاڪر ڀرسان ٻرهون پهچڻ تي وارثن پوليس کاتي جي بي حسي خلاف سخت احتجاج ڪندي وارثن لاش دفنائڻ کان انڪار ڪندي فوتي اهلڪار جو لاش ڳوٺ محمد علي بوداڻي مان ڊاٽسن تي کڻائي سانگهڙ نواب شاهه مين روڊ تي جمڙائو موري تي لاش رکي سخت احتجاج مظاهرو ۽ نعريبازي ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.شھيد اهلڪار الھڏتو بوداڻي جي وارثن اميد علي بوداڻي عارف بوداڻي اعجاز بوداڻي ۽ ٻين چيو ته شھيد ٿي ويل اهلڪار الھڏتو بوداڻي جي شھادت جو اطلاع به کين پنهنجي يارن دوستن ۽ ٻين ذريعن وٽان مليو پوليس کاتي پاران ته ٻُڌايو به نه ويو اسان لاش وصول ڪرڻ ڪراچي وياسين ته اسانکي ٽول پلازه وٽ لاش ڏئي روانو ڪيو ويو.

ڪوبه ذميوار آفيسر پوليس شھيد اهلڪار جي لاش سان گڏ نه آيو ۽ نه ئي وري هتي ڪي پوليس کاتي پاران شھيد اهلڪار جي مان مرتبي وٽان جوڳا انتظام بندوبست ۽ پروٽوڪول ڏنو ويو اسانجو شھيد ٿي ويل جگر جو ٽڪرو ڄڻ ڪو رڍ ٻڪري هو.

هنن چيو ته اسانجي شھيد ٿي ويل اهلڪار سان وڏي بي حسي ۽ ناانصافي ٿي آھي. هنن چيو ته جيسين ايس ايس پي سانگهڙ ھتي اچي ساڻن ڳالهيون نه ڪندو انصاف جي خاطري نه ڪرائيندو لکت ۾ ڪا ذميواري نه ڏيندو تيستائين اسان جو هي احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن احتجاج سبب سانگهڙ نواب شاهه روڊ بلاڪ آھي.01