ڄامشورو ڀرسان دڪاندار جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

news

ڄامشورو: سومر 17 جون 2019ع: ڄامشورو ۾ دڪاندار يرغمال بڻائي تشدد ۽ ڦر کانپوءِ تيز اوزار سان ڳلو ڪپي قتل، جوابدار ھٿ پير ٻڌي لاش کي سنڌ يونيورسٽي اسٽيشن وٽ اڇلائي ويا.

رات جو دير سان شھر جي مک بازار ۾ ايزي لوڊ جو دڪان ھلائيندڙ نوجوان ظفر ڪانڌڙي جو ڳلو ڪپيل لاش ھٿ آيو آهي، سندس هٿ پير ٻڌل ھئا، لاش کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو آهي، جتان پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

ظفر ڪانڌڙو جي  دڪان تي ويٺل سندس سالي ياسين موجب ظفر صبح جو ايزي لوڊ ڪرائڻ لاءِ پيسا کڻي نڪتو ھو، جڏهن ته مقتول نوجوان ظفر علي جي پورھيت والد منظور علي ڪانڌڙي جو چوڻ ھو ته منهنجي پٽ 2 سال اڳ مگسي برادري مان ساھرن جي رضامندي سان پيار پرڻو ڪيو ھو جنهن مان کيس ھڪ سال جو ھڪ پٽ آهي، منهنجي ننھن جو اڳوڻو مڱيندو منهنجي پٽ ۽ منهنجي ننھن جي ماءِ ۽ ڀائرن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو ھو، اڄ منهنجو پٽ ايزي لوڊ ڪرائڻ لاءِ ڏيڍ لک روپيا دڪان تان کڻي نڪتو ته رات تائين واپس نه آيو، جنهن جو دير سان تشدد ٿيل ۽ ڳلو  ڪٽيل ھٿ پير ٻڌل لاش مليو آهي، منهنجو ڪونڌر پٽ قتل ڪري مون سان ظلم ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ڄامشورو پوليس جو چوڻ آهي ته وقت کان اڳ چوڻ مناسب ناھي،  واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪري اصل حقيقتن کي ظاھر ڪيو ويندو.