اسلامي اتحادي فوج جي سربراهه ۽ اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف جي ملازمت واري مدي ۾ هڪ سال جي واڌ

news

رياض: (اڱارو 18 جون 2019ع) سعودي عرب ۾ اسلامي اتحادي فوج جي سربراهي ڪندڙ پاڪستان جي اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف جي ملازمت واري مُدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي وئي آهي.

راحيل شريف 29 نومبر 2016 تي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ جنوري 2017 ۾ سعودي عرب ۾ قائم ٿيندڙ اسلامي اتحاد جي ڪمان سنڀالي هئي ۽ هاڻ ان جي ملازمت واري مدي ۾ 2020 تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

راحيل شريف کي سعودي عرب ۾ ملازمت جي لاءِ بچاءُ واري وزارت ۽ جي ايڇ ڪيو جي طرفان اين او سي جاري ڪئي وئي هئي.

سپريم ڪورٽ 15 ڊسمبر 2018 تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته قانون موجب اڳوڻي سرڪاري ملازم کي صرف وفاقي حڪومت ئي اين او سي جاري ڪري سگهي ٿي.

جيڪڏهن ڪابينا ان معاملي تي فيصلو نه ڪيو ته هڪ مهيني کان پوءِ اڳوڻي آرمي چيف جي اين او سي غيرقانوني قرار ڏني ويندي.

جنهن کان پوءِ 18 جنوري 2019 تي وفاقي حڪومت جنرل رٽائرڊ راحيل شريف کي پاڪستان کان ٻاهر ملازمت جي لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي هئي.