قاهره: (اڱارو 18 جون 2019ع) مصر جي پهرين چونڊيل اڳوڻي صدر محمد مرسي کي قاهره ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب محمد مرسي جي تدفين قاهره جي اوڀرين علائقي مدينته النصر ۾ ان جي مائٽن جي موجودگي ۾ ڪئي وئي.
سرڪاري ٽي وي موجب 67 ساله محمد مرسي جو موت گذريل ڏينهن دل جي ڌڙڪن بند ٿيڻ سبب ٿي آهي. جڏهن ته مخالف ڌر جي پارٽي سان تعلق رکندڙ گروپس محمد مرسي جي گرفتاري دوران موت جي آزادانه جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
ياد رهي ته مصر ۾ حسني مبارڪ جي 30 ساله آمريت جي خاتمي کان پوءِ محمد مرسي ملڪ جو پهريون سويلين صدر چونڊيو هو.
اقتدار تي تقريبن هڪ سال رهڻ کان پوءِ 3 جولاءِ 2013 تي آرمي چيف عبدالفتح السيسي محمد مرسي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو جنهن کان پوءِ صدر سميت اخوان المسلمين جي سوين ڪارڪنن کي جيلن ۾ وجهي سندن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا.
اڳوڻي صدر محمد مرسي تي دهشتگرد تنظيمن ۽ عالمي طاقتن سان رابطن جو الزام هو جنهن جي بنياد تي کيس موت جي سزا به ٻڌائي وئي هئي.