آمريڪا پاران وچ اوڀر ۾ وڌيڪ هڪ هزار فوجين جي مقرري جو اعلان

news

واشنگٽن: (اڱارو 18 جون 2019ع) آمريڪا وچ اوڀر ۾ وڌيڪ هڪ هزار فوجين جي مقرري جو اعلان ڪري ڇڏيو. آمريڪا جي وقتي بچاءَ واري وزير پيٽرڪ شناهان اعلان ڪيو آهي ته دفاعي مقصدن لاءِ وچ اوڀر ۾ وڌيڪ هڪ هزار فوجين کي مقرر ڪيو ويندو. 

آمريڪي فوجين جي وچ اوڀر ۾ مقرري جو اعلان اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي.  وقتي آمريڪي بچاءَ واري وزير چيو ته ايران ۽ سندس جنگجو گروپن طرفان تازن حملن جا ڀروسي جوڳا، مضبوط ۽ انٽيليجنس ڄاڻ آهي ته ايران خطي ۾ آمريڪي فوجين ۽ مفادن لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي.

وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجين  جي مقرري گذريل مهيني 1500 فوجين جي مقرري کان الڳ آهي، جڏهن ته واشنگٽن طرفان جنگي ٻيڙا ۽ ميزائل ڊفينس بيٽري کي اڳواٽ ئي خطي ۾ موڪليو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي جاپان ۽ ناروي جي آئل ٽينڪرن کي گڏيل طور نقصان پهڇايو ويو ۽ آمريڪا اها دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي طرفان آئل ٽينڪرن کي نشانو بڻايو ويو آهي.

پينٽاگون طرفان به نئين تصوير جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته خميس جي ڏينهن سمنڊ ۾ واپاري جهاز تي شڪي حملن ۾ ايران ملوث آهي. جڏهن ته ايران جي طرفان ان جي ترديد ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ايران عالمي طاقتن تي زور ڏنو آهي ته هو آمريڪي جارحيت تي فيصله ڪن ڪردار ادا ڪن نه ته 10 ڏينهن ۾ جوهري معاهدو ختم ڪيو ويندو.

ان کان اڳ آمريڪا گذريل سال ئي معاهدي تان ڦري ويو هو جنهن کان پوءِ ايران تي معاشي پابنديون بحال ڪيون ويون.