سينٽر فار انوائريمينٽل سائنس جي استادن پاران ڊاڪٽر خالده فريال جي ٻيھر ڊائريڪٽر طور مقرري خلاف عدالت وڃڻ جو چتاءُ

news

ڄامشورو:اڱارو 18 جون 2019ع: سنڌ يونيورسٽي انتظاميا غيرقانوني طور تي سينٽر فار انوائرمينٽل سائنس ۾ ٻيھر ڊائريڪٽر طور مقرر ڪيل خالده فريال عالماڻي کي اڃا تائين نه ھٽايو آھي، جنھنڪري سينٽر جي سينيئر استادن ۾ ڳڻتي جي لھر ڇانيل آھي، جن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر برفت کي خط لکي کيس نھ ھٽائڻ جي صورت ۾ عدالت سان رابطو ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آھي.

فارميسي ۾ بيچلر، ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺندڙ پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي جيڪا فارميسي شعبي ۾ ڪلاس وٺندڙ ھئي، ان سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کي درخواست ڪئي ته کيس سينٽر فار انوائرمينٽل سائنس ۾ مقرر ڪيو وڃي، جنھن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا 14 سيپٽمبر 2013ع تي آرڊر نمبر 2497 ذريعي کيس فارميسي شعبي مان سينٽر فار انوائرمينٽل سائنس ۾ مقرر ڪيو، شعبي سان غيرلاڳاپيل ھجڻ ۽ ان ئي شعبي جي پي ايڇ ڊي ڊگري نه ھجڻ باوجود کيس پھرين جنوري 2016ع تي شعبي جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ سندس ڊائريڪٽر طور مقرري جي نوٽيفڪيشن ۾ الائونس جو پڻ ذڪر ڪيو ويو.

يونيورسٽي انتظاميا جي من پسند ھجڻ ڪري پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي جو 3 سال مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ به 20 مئي 2019ع تي سنڌ يونيورسٽي انتظاميا آرڊر نمبر 1318 جاري ڪري سندس مدي ۽ الائونس ۾ واڌ ڪئي، جڏھن ته ڊائريڪٽر جي عھدي جي انتظار ۾ ويٺل قابل ۽ لاڳاپيل شعبي ۾ پوزيشن ماڻيندڙ سينيئر استادن جي سينارٽي جي لتاڙ ۽ حق تلفي ٿي رھي آھي.

ان سلسلي ۾ سينٽر جي سينيئر استادن ڊاڪٽر حبيب الله عباسي، ڊاڪٽر امان الله مھر ۽ سارا خليل صديقي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت کي خط لکيو آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته خالده فريال عالماڻي فارميسي شعبي مان پي ايڇ ڊي ڪئي آھي، جنھن جو سينٽر فار انوائرمينٽل سائنس سان ڪوبه واسطو ناھي ۽ نه ئي سندس ڪو تجربو آھي، کيس سينٽر ۾ ڊائريڪٽر طور مقرر ڪيو ويو آھي، جيڪو ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اصولن جي ڀڃڪڙي آھي. ھنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن خالده فريال عالماڻي کي جلد ڊائريڪٽر واري عھدي تان نه ھٽايو ويو ته عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.

واضح رھي ته ڄاڻايل معاملي تي يونيورسٽي انتظاميا پاران ايندڙ بيانن ۾ تضاد آھي، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران بيان سامھون آيو ھو ته خالده فريال شعبي ۾ رڳو پروفيسر آھي ۽ ڪوبھ اسسٽنٽ پروفيسر ڊائريڪٽر مقرر نٿو ٿي سگھي، جڏھن ته سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو ته ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي 21 ھين گريڊ ۾ فل پروفيسر آھي، کيس سينارٽي جي بنياد تي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آھي.01