ڄامشورو ۾ قتل ٿيل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو

news

ڄامشورو:اڱارو 18 جون 2019ع: گذريل رات دير سان بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ظفر ڪانڌڙو جي تدفين جيئي شاھ قبرستان ۾ ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ڄامشورو جي سياسي سماجي شھري ۽ دڪاندار تنظيمن جي اڳواڻن ۽ مقتول جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته  جنازي نماز ۽ تدفين کان اڳ ۾ شھرين مقتول نوجوان ظفر ڪانڌڙو جو لاش سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن سامھون انڊس ھاءِ وي تي رکي ڌرڻو ھنيو.

مظاھري شامل ماڻھن اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي والد منظور ڪانڌڙي ڳالھائيندي چيو تھ منھنجي پٽ کي سندس گھر واري جي اڳوڻي مڱيندي پنھنجي ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو آھي.

جڏھن ته جوابدار منھنجي پٽ کي قتل ڪرڻ کان اڳ ئي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندو ھو، منھنجي جوان ڳڀرو پٽ کي قتل ڪري منھنجو گھر اجاڙيو ويو آھي، فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

ھوڏانھن ڄامشورو پوليس مقتول نوجوان جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، جڏھن ته واقعي جي جاچ لاءِ مقتول نوجوان جي سس ۽ ٻين کان جاچ شروع ڪئي وئي آھي.01