بٽ ڪوائن جي مقابلي ۾ فيس بڪ جي ڊجيٽل ڪرنسي لبرا متعارف

news

نيويارڪ: اڱارو 18 جون 2019ع: فيس بڪ سڀ کان پهريان انٽرنيٽ تي رابطن جو اندازو بدليو ۽ هاڻ دنيا جي سڀ کان مقبول سماجي رابطن جي ويب سائيٽ چاهي ٿي ته ان جا 2 ارب 38 ڪروڙ واهپيدار ڪرپٽو ۽ ڊجيٽل ڪرنسي جي باري ۾ به پنهنجو فڪر تبديل ڪن.

اهو ئي سبب آهي جو فيس بڪ ۽ ان جي حصيدارن اڱاري تي پوري دنيا ۾ مقبول بٽ ڪوائن جي مقابلي ۾ پنهنجي ڊجيٽل ڪرنسي لبرا ۽ ڊجيٽل والٽ کي متعارف ڪرايو آهي، جنهن جي باري ۾ ڪيترن ئي مهينن کان رپورٽون سامهون اچي رهيون هيون.

ان ڊجيٽل ڪرنسي کي هڪ گورننگ بورڊ ڪنٽرول ڪندو جڏهن ته ان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مستحڪم مالياتي اثاثا مقرر ڪيا ويندا ۽ اها واهپيدارن لاءِ 2020ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ موجود هوندي.

فيس بڪ ۾ ڪافي عرصي کان ڪيترن ملڪن ۾ واهپيدارن لاءِ پيسا موڪلڻ جي سهولت موجود آهي جڏهن ته هو ان پليٽفارم تي مختلف شين جي خريداري به ڪري سگهندا، پنهنجي ڊجيٽل ڪرنسي وسيلي به فيس بڪ اهڙي طرح جي سرگرمين جي حوصلا افزائي ڪندو.

فيس بڪ ان ڊجيٽل ڪرنسي وسيلي ماڻهن جي روزاني جي زندگي لاءِ ڦنهنجي اهميت کي وڌيڪ اهم بڻائڻ چاهي ٿو ۽ جيڪڏهن لبرا کي ڪاميابي ملي ٿي ته هو نون واهپيدارن کي به پاڻ طرح متوجهه ڪري سگهندو ۽ گهڻي وقت تائين ان کي آن لائن به رکي اشتهارن وسيلي وڌيڪ آمدني حاصل ڪري سگهندو.

اها ڪرنسي ان وقت متعارف ڪرائي وئي آهي جڏهن اها ڪمپني ميسينجر، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام کي گڏ ڪري هڪ ميسيجنگ پليٽفارم ٺاهڻ چاهي ٿي جڏهن ته لبرا جي لاءِ جيڪو ڊجيٽل والٽ استعمال ٿيندو اهو ميسينجر ۽ واٽس ايپ ۾ هوندو، جڏهن ته انسٽاگرام ۾ ان کي في الحال متعارف نه ڪرايو ويندو. فيس بڪ ۽ ان جي حصيدارن جو چوڻ آهي ته هن وقت ماڻهن ۾ ڊجيٽل ڪرنسي جي حوالي سان ڪافي خدشا ملن ٿا ۽ اسان انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

هن جو چوڻ هو ته لبرا کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اثاثا مقرر ڪيا ويندا جيڪي بينڪ ڊپازٽ ۽ حڪومتي سيڪيورٽيز جي شڪل ۾ مستحڪم ۽ سٺي ساک وارين بينڪنگ ۾ هوندا.