ٽنڊوڄام ڀرسان ريلوي ڦاٽڪ وٽ ٽرين جو ڪار کي ٽڪر: ٽي ڄڻا فوت

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ڀرسان مريد سپيو ريلوي ڦاٽڪ وٽ ٽرين جي ڪار کي ٽڪر، ڪار سوار ٽي ڄڻا فوت، ريسڪيو عملدارن پهچي لاش اسپتال منتقل ڪرايا.

خبر موجب ٽنڊوڄام ڀرسان مريد سپيو ريلوي ڦاٽڪ وٽ پشاور کان ڪراچي ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٽي ڄڻا سچل خاصخيلي ولد مانجهي فقير، اسلم چانڊيو ولد خدا يار چانڊيو ۽ امير بخش ولد عبدالله موقعي تي فوت ٿي ويا. جن جو تعلق سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه سان ٻڌايو پيو وڃي.

حادثي جو اطلاع ملڻ تي مقامي ڳوٺاڻا واقعي واري جاءِ تي پهچي ويا، جن حد جي پوليس ۽ ريسڪيو عملدارن کي اطلاع ڏنو. جن پهچي ڪار ۾ ڦاٿل لاش ڪڍرائي اسپتال روانا ڪيا ۽ انهن جي سڃاڻپ ڪئي.

اکين ڏٺي شاهدن موجب واقعو ريلوي ٽريڪ تي ڦاٽڪ نه هجڻ سبب پيش آيو. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽرين ڪار کي ٽڪر هڻڻ بعد ڏيڍ ڪلو ميٽر تائين گهليندي وئي.