مدئجي ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون لڳڻ سبب پندرنهن ڄڻا زخمي، ڏهه گرفتار

news

مدئجي: اربع 19 جون 2019ع:مدئجي بس اسٽاپ سکر لاڙڪاڻو روڊ تي شر برادري جي ٻن ڌرين راڻو خان شر ۽ تاج محمد شر ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺين ۽ ڪهاڙين سان هڪٻئي مٿان حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 15 کان مٿي زخمي ٿيا، زخمين ۾ ڇتو شر، رجب شر، هزارو شر، علي گل شر، رزاق شر، جانل شر ۽ صالح شر سميت 15 ڄڻا شامل آهن، اطلاع تي پوليس پهچي ڌرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شر برداري جي ڏنڊا بردار ماڻهن پوليس موبائيل ۽ ٿاڻي تي ويٺل ڌريون پوليس جي موجودگي ۾ هڪٻئي مٿان لٺين جو وسڪارو ڏنو، پوليس ٻنهي ڌرين جي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

هوڏانهن پوليس زخمين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي مدئجي اسپتال پهچايو، ٻنهي ڌرين جي ماڻهن کي الڳ الڳ وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف راڻو شر ڌر جي ماڻهن صحافين کي ٻڌايو ته پوليس گهري رشوت وٺي اسان جي ماڻهن مٿان حملو ڪرايو آهي.

هنن پوليس مٿان الزام هڻندي چيو ته پوليس 50 هزار رشوت وٺي جهيڙو ڪرايو آهي، جنهن ۾ اسان جا 10 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف پوليس ٻنهي ڌرين جي 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي مدئجي پوليس ٻڌايو ته شر برادري جي ٻن ڌرين تي پلاٽ جي معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 15 ڄڻا زخمي آهن، جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هوڏانهن اهڙي صورتحال بعد تاج محمد شر واري ڌر جي عورتن معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي نٽهڻ اس ۾ پنهنجي برادري جي ماڻهن ۽ پوليس خلاف بس اسٽينڊ سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي مسمات لال خاتون، مسمات حضوران، مسمات حسينا, ممتاز شر  ۽ چيو ته 20 ڏينهن اڳ راڻو شر جي ڌر جي ماڻهن اسان جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري قبضو ڪيو هو، جنهن جو اطلاع مدئجي پوليس کي ڏنو ۽ اين سي داخل پڻ ڪرائي هئي، پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، اڄ وري ساڳئي ڌر جي ماڻهن اسان جي ماڻهن مٿان حملو ڪري لٺين جو وسڪارو لاهي ڏنو، جنهن ۾ اسان جا نوجوان زخمي ٿيا آهن پر پوليس گهري رشوت عيوض الٽو اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪري مدئجي ٿاڻي تي لاڪب ڪيو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته پوليس راڻو شر ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي. پوليس جي موجودگي ۾ ٿاڻي اندر اسان جي ماڻهن مٿان حملو ڪيو ويو ۽ پوليس تماشو ڏسندي رهي. پوليس اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن اعليٰ اختيارين ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪندي چيو ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان جي ماڻهن کي ازاد ڪرائي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01