وزيراعظم عمران خان خانڳڙهه پهتو: علي محمد خان مهر جي وفات تي پوئينرن سان تعزيت

news

گهوٽڪي: (اربع 19 جون 2019ع) وزيراعظم عمران خان خانڳڙهه ۾ علي محمد خان مهر جي وفات تي ان جي  پوئينرن سان تعزيت ڪئي آهي.

پارٽي اڳواڻن سان اين اي 205 جي خالي سيٽ تي ضمني چونڊ جي حوالي سان به مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان عمران خان وفاقي وزير اينٽي نارڪوٽيڪس سردار علي محمد خان مهر جي لاڏاڻي کان پوءِ تعزيت جي لاءِ گهوٽڪي جي علائقي خانڳڙهه پهتو.

علي محمد خان مهر جي ڀائرن سردار علي گوهر خان مهر، علي نواز عرف راجا خان مهر ۽ مرحوم جي پٽ احمد علي خان مهر سان تعزيت ڪئي ۽ علي محمد خان مهر جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ گورنر سنڌ  عمران اسماعيل، محمد ميان سومرو، فهميده مرزا ۽ ٻيا گڏ هئا. سردار علي محمد خان مهر ڪجهه ڏينهن اڳ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.