زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سينيٽ جو وي سي جي صدارت هيٺ ڇويهون اجلاس ٿي گذريو

news

ٽنڊوڄام: اربع 19 جون 2019ع:سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سينيٽ جو 26هون اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي جي صدارت هيٺ منقعد ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مظهرالحق صديقي، زرعي تحقيقاتي اداري جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل حاجي خان ڪيريو، آبادگار اڳواڻ آصف انور خواجه، مختلف فئڪلٽين جي ڊينز ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ، ڊاڪٽر عبدالغني لنجار، ڊاڪٽر عبدالخليل ابوپوٽو، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، پروفيسر ڊاڪٽر نعمت الله لغاري سميت مختلف ميمبرن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ مختلف انتظامي فيصلن بابت سفارشون منظور ڪيون ويون.

سينيٽ اجلاس ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي مختلف سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪري ان جي منظوري ورتي وئي. اجلاس دوران وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي گذريل ڏھ سالن دوران مختلف مدن ۾ ڪيل خرچ جي انگن بابت ميمبرن کي آگاهي ڏني، وائيس چانسلر ٻڌايو ته گذريل سالن ۾ يونيورسٽي جي مستقل ايمپلائيز جو وڏو انگ رٽائرڊ ٿيو آهي، جنهن سبب پينشن جي مد ۾ اخراجات وڌيا آهن.

جڏهن ته ٻئي طرف روزمرهه لاءِ ٿيندڙ خرچن تي گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ مڪمل ضابطو آڻي خرچن کي گهٽايو ويو آهي. اجلاس دوران هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، يونيورسٽين جي بورڊز ڊپارٽمينٽن ۽ سنڌ حڪومت کي خاص طور سفارشون ڪيون ته تعليم ۽ خاص طور يونيورسٽين ۽ هائير ايجوڪيشن جي مقرر ڪيل بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. جنهن سان تحقيقي ۽ تدريسي عمل سخت متاثر ٿي سگهي ٿو. 01