بي صبري اوهان کي وقت کان اڳ پوڙهو ڪري سگهي ٿي

news

حيدرآباد: اربع 19 جون 2019ع: صبر انساني شخصيت جي وڏي خوبي تصور ڪئي ويندي آهي پر اها زندگي کي ڊگهو بڻائڻ جو سبب به بڻجندي آهي.

اها ڳالهه سنگاپور ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. سنگاپور يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بي صبر ماڻهو وقت کان اڳ پوڙهائپ جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي عمر تمام تيزي سان نڪري ويندي آهي.

تحقيق موجب بي صبر ۽ ذهني ڳڻتي جا شڪار ماڻهو امڪاني طور تي مراقبي سان وقت کان اڳ پوڙهائپ جي سفر کي سست رفتار بڻائي سگهن ٿا.

ان تحقيق دوران تحقيق ڪندڙن 1100 شاگردن تي تجربو ڪيو ۽ بي صبر ماڻهن جي رت جي ٽيسٽ ۽ انهن جي ٽيلوميئرز جي ڊيگهه جو جائزو ور تو ويو.

ٽيلوميئرز ڪروموسومز جا اهڙا حفاظتي ڪيپس آهن جيڪي ڊي اين اي کي نقصان کان بچائيندا آهن، جيڪڏهن ٽيلوميئرز جي ڊيگهه متاثر ٿي وڃي ته پوڙهائپ طرف سفر تيز تي ٿي ويندو آهي.

تحقيق ڪندڙن دريافت ڪيو ته بي صبر شاگردن جا ٽيلوميٽرز مختصر هوندا آهن ۽ اهو اشارو ڏنو ته اها شخصي عادت زندگي جي مدي ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجي سگهن ٿا.