نئون ديرو ۾ ڳوٺاڻن پاران ڪيٽي ممتاز پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

news

نئون ديرو:اربع 19 جون 2019ع: نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ عزت جي وانڍ مان 4 سال اڳ ڳوٺاڻي ڪوڙل ناريجو جون چوري ٿيل 6 مينهون اڃا تائين ڪيٽي ممتاز پوليس واپس نه ڪرائي سگهي آهي ۽ چوري ۾ ملوث جوابدار سائينداد خروس ۽ لياقت خروس سرعام گهمي ڦري رهيا آهن ۽ پوليس چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، جنهن ڪري ڳوٺ عزت جي وانڍ جي رهواسي ڳوٺاڻن ڪوڙل ناريجو پنهنجي مائٽن مور ناريجو، فياض حسين، اڪبر علي، سميع الله ناريجو ۽ ٻين سان گڏجي شهيد راڻي بينظير ڀٽو پريس ڪلب نئون ديرو پهچي ڪيٽي ممتاز پوليس خلاف احتجاج ڪيو آهي.

جتي دانهيندي ڳوٺاڻي ڪوڙل ناريجو چيو ته ڪيٽي ممتاز پوليس 4 سالن ۾ هڪ ڀيرو به جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪارروائي ناهي ڪئي ۽ جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن ۽ اسان کي چورن جا ڀائر مظهر ۽ اسد خروس ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن. هنن الزام هڻندي چيو ته ڪيٽي ممتاز پوليس چورن ۽ انهن جي ساٿارين سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهن ڪري چئن سالن ۾ هڪ ڀيرو به چورن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي.

هنن چيو ته اسان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي مسعود بنگش کي درخواستون به ڪيون، جنهن اسان کي نوٽ هڻي ڪيٽي پوليس ڏانهن موڪليو پر ڪيٽي ٿاڻي جي پوليس ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جي حڪمن کي ٿڏيندي پنهنجي من مرضي هلائي رهي آهي.

هنن چيو ته اسان کي جوابدارن مان جان جو خطرو آهي جيڪي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي چورن کان تحفظ فراهم ڪري چوري ٿيل 6 مينهون هڪدم واپس ڪرائي ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.01