هاڻي ڪوبه استاد ميرٽ جي اُبتڙ نه کڻبو: قاضي شاهد پرويز

news

سکر: اربع 19 جون 2019ع:سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته وچن آهي ته هاڻي ڪوبه استاد ميرٽ جي اُبتڙ نه کڻبو، 1985ع کان 2008ع تائين اُستادن جون سياسي بنيادن تي ڀرتيون ٿيون، جنهن جو نتيجو هن مهل تائين ڀوڳيو آهي ۽ سنڌ حڪومت 6 سالن ۾ 41 هزار استادن کي ٻيهر سکيا ڏني: يو ايس ايڊ جي سهڪار سان سنڌ حڪومت جي سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام تحت گورنمينٽ اين ماڊرن هاءِ اسڪول جو افتتاح يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر مچل، تعليم واري سيڪريٽري سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز ۽ ٻين ڪيو.

سيڪريٽري افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي قاضي شاهد پرويز چيو ته آمريڪي عوام جي سهڪار سان سنڌ جو تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ جيڪو سلسلو جُڙيو آهي اُهو هاڻي ڪڏهن به نه رُڪبو ۽ 4 سالن ۾ وڌيڪ 160 اسڪول اسٽيٽ آف دي آرٽ عمارتن سان اپگريڊ ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت مالي مونجهارن باوجود تعليم واري شعبي تي ڳري رقم خرچ ڪري رهي آهي، ڪجهه تلخ حقيقتون آهن جن کي اسان نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي ۽ انهن ئي تعليم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو هو.

قاضي شاهد پرويز چيو ته 1985 کان وٺي 2008ع تائين بغير اهليت جي سياسي بنيادن تي اسُتاد ڀرتي ڪيا ويا ۽ اڄ هڪ لک 20 هزار استادن جي فوج موجود آهي جن مان 6 سالن دوران سنڌ حڪومت 41 هزار استادن کي ٻيهر سکيا ڏني آهي. هن چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اچو وچن ڪجي ته جيڪڏهن پنهنجي آئيندي جي تعليم بچائڻي آهي ۽ قوم کي سڌارڻو آهي ته پوءِ هڪ به استاد ميرٽ جي اُبتڙ نه کڻبو۽ پنهنجي ٻارن جي مٿي تي هٿ رکي واعدو ڪرڻو پوندو ته انهن جي رهنمائي ڪبي ته جيئن کين ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ اُهي مستقبل جا معمار ٿي خاڪ کي سون بڻائي سگهن.

يو ايس ايڊ جي سنڌ بلوچستان جي  ڊائريڪٽر مچل چيو ته آمريڪي حڪومت پاران يو ايس ايڊ تحت سنڌ حڪومت کي صوبي جي ٻارڙن خاص طور تي نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 159 ملين ڊالرز امداد ڏني وئي آهي ۽ هن پروگرام تحت 106 اسڪولن مان هيل تائين 60 اسڪول مڪمل تيار ٿي چڪا آهن جن مان 43 اسڪول ايجوڪيشن مينيجمينٽ آرگنائزيشنز حوالي ڪيا ويا آهن جن ۾ 30 هزار هڪ سئو 56 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم پرائي رهيا آهن. هن چيو ته سندس لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي جو هو تاريخي شهر سکر ۾ آهي ۽ کيس جديد تبديلي نظر پڻ اچي رهي آهي هتانجا ماڻهو تمام گهڻا مهمان نواز ۽ تاريخ ۽ ثقافت ۾ شاهوڪار آهن.

هن چيو ته يو ايس ايڊ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايجوڪيشن فيڪلٽي جي عمارتن لاءِ سهڪار ڪيو جيڪي تعليم جي بهتري لاءِ بي ايڊ ۽ آنرز جا ڊگري پروگرام هلائي رهيون آهن، جڏهن ته تازو ئي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ يو ايس پاڪستان سينٽر فار ايڊوانس اسٽيڊيز ان واٽر قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آغا فخر حسين پروگرام تحت ٺهندڙ اسڪولن جي وهنوار ۽ طريقيڪار تي روشني وجهندي چيو ته هن وقت تائين 43 اسڪول اِي ايم اوز حوالي ٿيا آهن جڏهن ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وڌيڪ 25 اسڪول ايجوڪيشن مينيجمينٽ آرگنائيزيشنز حوالي ڪيا ويندا.

هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران تعليمي پاليسي بهتر بڻائڻ ۽ تدريسي معيار توڙي انتظامي سڌارا آڻڻ لاءِ پڻ ڪم هلي رهيو آهي.گورنمينٽ اين ماڊرن هاءِ اسڪول جي هيڊماستر محمد نصير شاهه پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڏيهي توڙي پرڏيهي مهمانن جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ تعليم جي حوالي سان ٽيبلوز ۽ قومي نغما پيش ڪيا. يو ايس ايڊ آفيسر ميگي، سکر جي ڊپٽي ميئر طارق چوهاڻ، ڊي سي غلام مرتضيٰ شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.01