بدين ۾ حيسڪو ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي

news

بدين: اربع 19 جون 2019ع:حيسڪو ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي. خبر موجب پاڪستان هائڊرو اليڪٽرڪ يونين بدين جي سڏ تي مرڪزي اڳواڻن غوثو خان پٺاڻ، احسان ميمڻ، سيد علي بخش شاھ، لياقت نوتڪاڻي، ممتاز جوڻيجو، عنايت قمبراڻي ۽ اعجاز ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ کان آپريشن ڊويزن حيسڪو بدين اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.

جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيوته حيسڪو ملازمن کي ڪم ڪار دوران حفاظتي سامان نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب اهي ڪنهن حادثي جي صورت ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويهن ٿا، يا پوري عمر معذوري جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

هنن مطالبو ڪيوته حيسڪو جي ملازمن کي ڪم ڪار دوران سموريون گھربل سهولتون ڏنيون وڃن ۽ اوور ٽائم سميت سمورا مطالبا منظور ڪيا وڃن.01