سي ٽي ڊي جي ملتان ۾ ڪارروائي: آمريڪي شهري جي اغوا ۾ ملوث ٻه دهشتگرد مارجي ويا

news

لاهور: (خميس 20 جون 2019ع) سي ٽي ڊي جي ملتان ۾ ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندن 3 ساٿي فرار ٿي ويا.

سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب پابندي مڙهيل تنظيم داعش خراسان جي ملتان ۾ دهشتگردي جي سازش کي ناڪام بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندن 3 ساٿي فرار ٿي ويا.

ترجمان موجب دهشتگردن جي سڃاڻپ رضوان ۽ عمران جي نالي سان ٿي آهي جن جو تعلق  پابندي مڙهيل تنظيم سان هو جيڪي لاهور ۾ آمريڪي شهري وارن وئنسٽائن جي اغوا سميت ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد فيصل آباد ۾ ڪيش وين کي ڦرڻ ۾ به ملوث هئا جنهن ڦر دوران سمورن سيڪيورٽي گارڊن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

ترجمان ٻڌايو ته ماريل دهشتگرد ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جي اغوا ۽ قتل ۾ به ملوث هئا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان بارودي مواد، اسلحو، نقشو ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.