ايران پاران آمريڪي ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ

news

تهران: (خميس 20 جون 2019ع) ايران پنهنجي فضائي حدن ۾ آمريڪي ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

آمريڪي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب پاسداران انقلاب جي طرفان آمريڪي ڊرون صوبي برمزگان جي علائقي ڪوهه مبارڪ ۾ ڪيرايو ويو جڏهن ته پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڊرون آبنائي برمز جي ويجهو ايراني فضائي حدن ۾ ڪيرايو ويو آهي.

پاسداران انقلاب موجب ڪيرايل آمريڪي ڊرون جو ماڊل آر ڪيو 4 گلوبل باڪ آهي. ٻئي طرف ڊرون ڪيرائڻ بابت آمريڪي فوج فوري طور تي رد عمل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمان ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي جو ذميوار آمريڪا ايران کي قرار ڏنو هو. جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي هئي.

آمريڪا طرفان مڊل ايسٽ ۾ پنهنجون فوجون مقرر ڪري ڇڏيون هيون. جتي وڌيڪ هڪ هزار فوج موڪلڻ جو به اعلان سامهون آيو هو.