العزيزيه ريفرنس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

news

اسلام آباد: (خميس 20 جون 2019ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي طبي بنيادن تي سزا معطلي جي درخواست هڪ دفعو ٻيهر رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن ڪياني نواشريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ لکيل آهي ته نوازشريف کي طبي بنيادن تي ضمانت نٿي ملي سگهي. ٻڌڻي دوران نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث پنهنجي دليلن ۾ چيو ته نوازشريف کي ماهر ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهڙن ڊاڪٽرن کان علاج جي تجويز ڏني وئي آهي جيڪي ڳجهين بيمارين جا ماهر هجن. نوازشريف جي شريانين ۾ بندش جي سبب ڪنهن به وقت هارٽ اٽيڪ جو خطرو آهي.

خواجه حارث پنهنجي دليلن ۾ چيو ته نوازشريف جي دل جي ڌڙڪن جي 24 ڪلاڪ مانيٽرنگ جي ضرورت آهي. انسولين جي مقدار جي لاءِ نوازشريف جي شوگرليول کي به مانيٽر ڪرڻ جي ضرورت آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني سوال ڪيو ته مختصر ڳالهه اها آهي ته علاج پاڪستان ۾ نٿو ٿي سگهي.؟ جنهن تي خواجه حارث چيو ته نوازشريف جو معائنو ڪندڙ ڊاڪٽرن ائين لکيو آهي. 6 هفتن جي سزا معطلي جي دوران نوازشريف جا ٽيسٽ ٿيا هئا. ڊاڪٽرن لکيو آهي ته ڪهڙين ڪهڙين بيمارين جو علاج پاڪستان ۾ ممڪن آهي. رپورٽ ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته ڪهڙين ڪهڙين بيمارين جو هتي علاج ممڪن ڪونهي.

ان موقعي تي نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث چيو ته نوازشريف جي حالت هن وقت پراڻي گاڏي جيان آهي ۽ جڏهن پراڻي گاڏي ورڪشاپ تي ويندي آهي ته ان جون سموريون خراب شيون بدلائڻيون پونديون آهن. جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڪو اهڙو علاج آهي جنهن سان دل ٻيهر جوان ٿي وڃي.؟ جسٽس محسن اختر ڪياني جي اهڙي سوال تي عدالت ۾ ٽهڪ لڳي ويا. جڏهن ته خواجه حارث جواب ڏنو ته ائين ته نٿو ٿي سگهي پر انسان جان جي لاءِ جنگ ته وڙهندو آهي هينئر تائين ائين ناهي ٿيو پر ائين ٿي به سگهي ٿو. 

نوازشريف جي وڪيل جي دليلن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته پاڪستان ۾ به بهترين ڊاڪٽر موجود آهن. جنهن تي خواجه حارث چيو ته نوازشريف جيل جي ماحول سبب اسٽريس جو شڪار آهي. جيل ۾ به کيس سيڪيورٽي جا خدشا  موجود آهن جنهن ڪري کيس اندر گهمڻ ڦرڻ جي به اجازت ناهي.

ان دوران نوازشريف جي جولاءِ 2018 کان مارچ 2019 تائين جي نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.خواجه حارث عدالت کي ٻڌايو ته غير ملڪي ميڊيڪل رپورٽس تصديق شده آهن. غير ملڪي ڊاڪٽر سندهو 13 بيمارين جي نشاندهي ڪئي آهي. ڊاڪٽر موجب هي بيماريون زندگي جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون جنهن تي جسٽس محسن اختر چيو ته هي ته غير ملڪي ڊاڪٽرن جي صرف راءِ آهي هتي ميڊيڪل بورڊ مڪمل معائنو ڪيو آهي. پاڪستاني ڊاڪٽرن معائني کان پوءِ رپورٽ تيار ڪئي آهي جيڪا وڌيڪ بهتر آهي.