آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سرڪاري دوري تي لنڊن پهچي ويو

news

راولپنڊي: خميس 20 جون 2019ع: پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سرڪاري دوري تي لنڊن پهچي ويو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب جنرل قمر جاويد باجوا لنڊن پهچي چڪو آهي جتي هو برطانوي سول ۽ ملٽري قيادت سان ملاقاتون ڪندو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ برطانوي سول ۽ ملٽري قيادت وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن، جيو اسٽريٽجڪ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ملاقات ۾ سيڪيورٽي ۽ دفاعي معاملن تي به ڳالهيون ٿينديون.