سکر: ڪوٽ مير محمد ۾ پوليس جي ڪارروائي، اٺ ڄڻا گرفتار، احتجاج

news

سکر: خميس 20 جون 2019ع: سکر جي خيرپور ضلعي جي شهر ڪوٽ ميرمحمد ويجهو 7 مشينون پٽڻ تي ناريجن مٿان دھشتگردي ايڪٽ تحت 2 الڳ الڳ ڪيس داخل ٿي ويا، پوليس جي چڙھائي ڪري 2 پيش امامن ۽ شاگردن سميت 8 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا ، متاثرن احتجاج ڪيو آهي.

خيرپور ضلعي جي شهر ڪوٽ ميرمحمد ويجهو ڳوٺ ڀٽا واھڻ ۾ فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي پوليس محمد يعقوب ۽ قمرالدين ڀٽو جي فرياد تي 4 ڏينهن اڳ ڀٽن جون پاڻي جون 7 مشينون پٽي کوھ ۾ اڇلائڻ جو دھشگردي ايڪٽ تحت جوابدار رشيد احمد، بشير ناريجو، عبدالواحد، حاجي محمد الدين، حاجي قمرالدين، لياقت علي، محمد سليم، اختيار علي، نويد احمد ۽ علي اڪبر ناريجو ۽ ٻين مٿان 2 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آھن.

ڊي ايس پي سيد حبدار علي شاھ، ايس ايڇ او لالا امير پٺاڻ، ايس ايڇ او عبدالحفيظ مشوري جي اڳواڻِي ۾ پيرجوڳوٺ، خيرپور، ٻٻرلوءِ، فيض محمد ٻنڊو، برادي جتوئي، عبدالرحمن انڙ، وڏاماڇيون ٿاڻن سميت 10 ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن ڳوٺ حاجي مھرل ناريجو تي چڙھائي ڪري گهر گهر تلاشي ورتي.

پوليس تلاشي دوران گهرن مان ناريجا برادري جي چڱن مڙسن جا 4 ٽريڪٽر ڪاھي بيھاري ڇڏيا، پوليس جي اهڙي ڪارروائي خلاف ناريجا برادري جي چڱن مڙسن ۽ زميندار حاجي محمد الدين ناريجو، زميندار حاجي صدرالدين ناريجو، نعمت الله ناريجو ۽ علي نواز ناريجو جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

هنن دانھيندي چيو ته پوليس مقتول عبدالحڪيم ناريجو جي ٽريڪٽر سميت چڱن مڙسن جا 4 ٽريڪٽر ڪاھي بيھاري ڇڏيا آھن، جڏهن ته پوليس 2 پيش امامن حافظ صفي الله ۽ مولانا امان الله ناريجو، زميندار حاجي الھرکيو ناريجو، حاجي قمرالدين ناريجو، مولوي بشير احمد، حاجي غلام اڪبر کان سواءِ ٻن شاگردن عنايت الله ۽ محمد ياسين ناريجو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي ۽ پوليس مقتول عبدالحڪيم ناريجو جي گهر جون 4 سولر پليٽون ڀڃي ڇڏيون آھن.

هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس ڀٽا برادري جي ونگار پئي وھي، بااثرن جي چرچ تي پيش امامن، حاجين۽ شاگردن مٿان دھشتگردي ايڪٽ تحت الڳ الڳ 2 ڪيس داخل ڪري ساڻن ناحق ڪيو ويو آھي.

هنن گهر ڪئي ته ڀٽا برادري جي 7 مشينن واري ڪيس جي انڪوائري ايماندار آفيسر غلام علي جماڻي، عبدالقدوس ڪلوڙ ۽ حفيظ الله مشوري کان ڪرائي وڃي يا ڀٽا برادري جا ماڻھو پاڪ  ڪتاب تي هٿ رکي چون ته حاجي محمد الدين ۽ حاجي قمرالدين يا مولوي بشير احمد ناريجو مشينن کي پٽي کوھ ۾ اڇلائڻ جا ڏوھاري آھن ته اهي سمورو ڏوھ ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آھن.

رابطوڪرڻ تي ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل ٻڌايو ته ناريجا برادري جي ماڻهن مٿان پاڻي جون 7 مشينون پٽي کوھ ۾ اڇلائڻ جو دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيل آھي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس چڙھائي ڪئي آھي ۽ ڪنهن سان به ناجائزي نه ٿيندي.01