ايران آمريڪي ڊرون ڪيرائي تمام وڏي غلطي ڪئي آهي: ٽرمپ

news

واشنگٽن: خميس 20 جون 2019ع: ايران طرفان آمريڪي ڊرون ڪيرائڻ کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايران اسان جو ڊرون ڪيرائي تمام وڏي غلطي ڪئي آهي.

آمريڪي اختيارين موجب آرڪيو فور گلوبل هاڪ ڊرون اڏام ڪري رهيو هو جيڪو ڪنهن ملڪ بدران عالمي هوائي گذرگاهه آهي ۽ ان کي زمين کان هوا تائين مار ڪندڙ ايراني ميزائل تباهه ڪيو.

ٻئي طرف ايران جو موقف بلڪل مختلف آهي ۽ هن چيو آهي ته حقيقت ۾ ڊرون جهاز ان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ اهو ڏاکڻي سامونڊي شهر هرمزگان جي مٿان اڏام ڪري رهيو هو.

ان واقعي کانپوءِ صدر ٽرمپ پنهنجي ٽويٽ ۾ صرف اهو لکيو آهي ته ايران تمام وڏي غلطي ڪئي آهي. اهڙي طرح گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ خطي ۾ جاري آمريڪا ۽ ايران ڇڪتاڻ ۾ هڪ نئون رخ پيدا ٿيو آهي جنهن ۾ پهريون ڀيرو ايران آمريڪا خلاف ڪنهن ڪارروائي جو اعتراف ڪيو آهي.

تاريخي لحاظ کان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ان ئي وقت وڌي هئي جڏهن 2015ع ۾ صدر ٽرمپ ايران، آمريڪا ۽ ٻين عالمي طاقتن وچ ۾ ايٽمي معاهدي تي هڪ طرفي طور تي پاڻ کي ان کان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو.