پنجاب ۾ ايڇ آءِ وي جا اٺ هزار ٽي سئو اٺ ڪيس آهن: ايڊز ڪنٽرول پروگرام

news

لاهور: خميس 20 جون 2019ع: پنجاب ايڊز ڪنٽرول پروگرام صوبي ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسز ۾ اوچتو واڌ بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ترجمان سجاد حفيظ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ مريضن جي تعداد ۾ واڌ ناهي ٿي، ويجهن ضلعن جا ماڻهو دوائن لاءِ رخ ئي فيصل آباد جو ڪيو، صوبي ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جا 8 هزار 308 ڪيس آهن جيڪي پنجاب ايڊز ڪنٽرول پروگرام ۾ رجسٽرڊ آهن.

هن چيو ته 2017 ۽ 2018 ۾ ڪوٽ مومن، سرگوڌا ۽ چنيوٽ ۾ ايڊز ڪيس سامهون آيا هئا، ان کانپوءِ ايڊز ڪنٽرول پروگرام سان مريص رجسٽر ڪري چنيوٽ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر ۽ ڪوٽ مومن تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ ايڊز سينٽر قائم ڪيا ويا.

ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ترجمان چيو ته ڪيترائي مريض علاج ۽ دوائن لاءِ وڏي شهر فيصل آباد جو رخ ڪندا رهيا، فيصل آباد جي ويجهن ضلعن جا مريض الائيڊ اسپتال مان دوائون وٺنا ۽ چيڪ اپ ڪرائيندا آهن، ايڊز ڪنٽرول پروگرام ۾ رجسٽرڊ مريض بائيو ميٽرڪ ۽ مخصوص سڃاڻپ نمبر رکن ٿا.