اثاثن جي جاچ لاءِ نادرا آن لائن ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

news

اسلام آباد: جمعو 21 جون 2019ع: نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي شهرين جي اثاثن جي جاچ لاءِ آن لائن ايپليڪيشن متعارف ڪرائي ڇڏي.

روينيو بابت مملڪتي وزير حماد اظهر، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي ۽ نادرا اختيارين ان حوالي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

نادرا اختيارين ٻڌايو ته اثاثن جي انڪوائري آن لائن ايپ متعارف ڪرائي آهي، ٽيڪس جمع ڪرائيندڙن جا تفصيل آن لائن به ڏسي سگهجن ٿا، ويب سائٽ اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ آهي، قومي سڃاڻپ ڪارڊ يا ايف بي آر جي ڏنل نمبر تان لاگ ان ٿي سگهجي ٿو.

نادرا اختيارين چيو ته آن لائن ايپ وسيلي هر شخص پنهنجي ڊيٽا پاڻ ڏسي سگهندو ۽ ڪنهن ٻئي شخص جي ڊيٽا نه ٿو ڏسي سگهي، ڄاڻ کي چيڪ ڪرڻ جا پنج سئو روپيا چارجز ادا ڪرڻا پوندا.

ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو ته ويب سائيٽ جو مقصد ٽيڪس جمع ڪرائيندڙن جي تفصيلن کي ڏسڻ آهي، نادر صرف ڄاڻ ڏيندو، ٽيڪس گڏ ڪرڻ اسان جو ڪم آهي، جيڪي ادارا ڄاڻ رکن ٿا انهن سان اسان جي ڪوآرڊينيشن هوندي.