اي آءِ جي سکر سي آءِ اي انچارج ۽ ڌاڙيل وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

news

سکر: جمعو 21 جون 2019ع:سکر جي ايڊيشنل آءِ جي سي آءِ اي انچارج شڪارپور ۽ بدنام ڌاڙيل منير مصراڻي وچ ۾ موبائل فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جي آڊيو ڪال وائرل ٿيڻ واري خبر جو نوٽيس ورتو، هن ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل پوليس ڊاڪٽر جميل احمد خبر جو نوٽيس وٺندي  شڪارپور جي سي آءِ اي انچارج عبدالقادر چانڊيو ۽ بدنام ڌاڙيل منير مصراڻي وچ ۾ ٿيل موبائل فون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه واري معاملي جي جاچ لاءِ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي جاچ آفيسر مقرر ڪري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، اي آءِ جي ڊاڪٽر جميل فون تي رابطي کي حڪمت عملي جو حصو قرار ڏيندي چيو آهي ته سي آءِ اي انچارج جا ارادا ڏوهي نڪتا ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڊاڪٽر جميل احمد چيو ته ڌاڙيل منير مصراڻي شڪارپور جي ڪچي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو، ڏوهارين کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ ٻيلا خالي ڪرايا ويا آهن. هن چيو ته ڏوهارين سان رابطو کين ڪنٽرول ڪرڻ جي حڪمت عملي جو به حصو هوندو آهي.

باقي ايس ايس پي مسعود بنگش کي سي آءِ اي انچارج عبدالقادر چانڊيو ۽ ڌاڙيل منير مصراڻي ۾ فون تي ڳالهين واري معاملي جي جاچ جي ذميواري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪڏهن غلط مقصدن لاءِ رابطن جا ثبوت مليا ته ذميوار عملدار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته ڪچي جي ٻيلن ۾ جيستائين ڏوهاري موجود هوندا، تيستائين ڪارروائيون جاري رکيون وينديون. آڊيو ٽاڪ ۾ سي آءِ اي انچارج ۽ ڌاريل کي ٽهڪ ڏيندي ٻڌو ويو، جنهن ۾ سي آءِ اي انچارج عبدالقادر چانڊيو واضح نموني ڌاڙيل کي چوي ٿو ته توهان 2 اهلڪار شهيد ڪيا، خير جهڙي ڳالهه آ، هاڻي ڪجهه ماڻهو ڏئي جان ڇڏايو، ڇاڪاڻ ته اسان تي آءِ جي جو دٻاءُ آهي.01