اي آءِ جي سکر سي آءِ اي انچارج ۽ ڌاڙيل وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

news

سکر: جمعو 21 جون 2019ع:سکر ۾ ڳوٺ واھ ٻرڙا جي رھواسين ڪنڌرا جي ٽائون چيئرمين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ڪنڌرا ويجھو ڳوٺ واھ ٻرڙا جي رهواسين ٽائون ڪاميٽي ڪنڌرا جي چيئرمين مهر علي ٻرڙو خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جتي علي نواز ٻرڙو، اميد علي ٻرڙو، غلام قادر ٻرڙو ۽ ٻين دانھيندي ٻڌايو ته 2 سال اڳ رستي ويندي.

محمد خان ٻرڙو کي اڻڄاتل ھٿياربند گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو، جنھن جي قتل جو الزام بااثر ٽائون چيئرمين مھر علي ٻرڙو سندن 3 ماڻھن درمحمد، شوڪت ٻرڙو، علي احمد ٻرڙو تي ھڻي انهن کي ڪنڌرا ٿاڻي تي گرفتار ڪرايو، جيڪي ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ آھن.

جڏھن ته بااثر گھرن کي باھيون ڏئي گھرن ۽ زمينن تي قبضو ڪيو آھي، جنھن سبب گهرڀاتين سميت دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھن. 

ڪنڌرا پوليس به بااثر چيئرمين سان ٻٽ بڻيل آھي. ھنن گھر ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪرائي سندن ماڻھن تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري گھرن ۽ زمينن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن.01