روهڙي پوليس پاران مبينا مقابلن ۾ ٻه ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

news

سکر:جمعو 21 جون 2019ع: سکر ۾ روهڙي پوليس 2  شڪي مقابلن ۾ 2  ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جي پريس ترجمان  بلال مير لغاري موجب روهڙي ٿاڻي جي حد جاڙي ماھ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، مقابلي دوران مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري علي احمد بروهي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

سائيٽ ٿاڻي جي حد گوليمار ۾ پڻ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو آھي، جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد ۽ سکر ضلعن جي مختلف ٿاڻن تي گهربل ڏوهاري محمد اسحاق چانگ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي.

زخمي ڏوهارين کي علاج لاءِ سکر سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آھي. گرفتار ٻنهي زخمي ڏوهاري تي حيدرآباد ۽ سکر ضلعن تي پوليس مقابلن، ڌاڙن، ڦر جا 17 کان وڌيڪ ڪيس داخل آھن، شڪي مقابلن ۾ زخمي ڪري گرفتار ڪيل علي احمد بروهي ۽ محمد اسحاق چانگ کي ساڄين ٽنگن ۾ گوڏي جي هيٺان گولي لڳل هئيون، جڏهن ته مقابلي ۾ ڪو به پوليس اهلڪار زخمي ناهي ٿيو.01