سکر:جمعو 21 جون 2019ع: سکر ۾ نينهن جي شادي ڪندڙ شهداد ڪوٽ جي جوڙي ڊسٽرڪٽ ڪورٽس جي احاطي ۾ تحفظ جي گھر ڪئي آهي.
شهداد ڪوٽ جي رهواسڻ پريٽي عرف گلڻ 13 جون تي گھران نڪري سکر جي گول مسجد ۾ اسلام قبولڻ بعد شهداد ڪوٽ جي ئي رهواسي مختيار احمد شيخ سان جسٽس آف پيس اڳيان نينهن جي شادي ڪري ڇڏي آهي. سندس اسلامي نالو ممتاز ماريه رکيو ويو آهي.
ممتاز ماريه جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي مرضيءَ سان اسلام قبولي مختيار احمد شيخ سان شادي ڪئي اهي جنهن بعد سندس مائٽ ساجد ، مجاهد ۽ ٻيا سندن جان جا ويري بڻجي ويا آهن.
هن چيو ته سندس ساهريجن تي داخل ڪيل ڪيس ڪوڙا آهن کين تحفظ ڏئي زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.01