زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ: نيب مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: (ڇنڇر 22 جون 2019ع) قومي احتساب بيورو(نيب) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين جوابدارن خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

نيب طرفان مصطفيٰ ڪمال خلاف داخل ڪيل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار تي سمنڊ ڪناري ساڍا پنج هزار مربع گز  زمين غير قانوني الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي.

نيب ريفرنس موجب زمين 1980 ۾ هاڪرز ۽ دڪاندارن کي ليز تي ڏني وئي جيڪا 2005ع ۾ خانگي اڏاوتي ڪمپني ليز تي حاصل ڪئي.

نيب جو چوڻ آهي ته مصظفيٰ ڪمال بلڊر کي گهڻ ماڙ عمارت جي اڏاوت جي غير قانوني اجازت ڏني. نيب طرفان داخل ڪيل ريفرنس ۾ جوابدارن ۾ ڊي جي ايس بي سي اي افتخار قائمخاني،  فضل الرحمان، ممتاز حيدر ۽ نذير زرداري شامل آهن.