آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ جي صورت ۾ ايران کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 22 جون 2019ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ جي صورت ۾ ايران کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

برطانوي خابرو اداري موجب آمريڪي صحافين سان ڳالهائيندي صدر  ٽرمپ چيو ته اسان جنگ نٿا چاهيون پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته اسان ايران کي تباهه ڪري ڇڏينداسين.

آمريڪي ڊرون ڪيرائڻ کان پوءِ ايران  تي حملي جو حڪم ڏئي واپس وٺڻ بابت آمريڪي صدر چيو ته مون کي ٻڌايو ويو هو ته ان جي نتيجي ۾ اندازن 150 ايراني مارجي ويندا. ٽرمپ چيو ته مون کي اهو پسند نه هو ۽ آئون نٿو سمجهان ته اهو مناسب هو.

ياد رهي ته ايران جي طرفان آمريڪي ڊرون ڪيرائڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو هو ۽ گذريل ڏينهن ٽرمپ ايران تي حملي جو حڪم ڏئي وري واپس وٺي ڇڏيو هو. جڏهن ته ايران تي دٻاءُ وڌائڻ جي لاءِ وچ اوڀر ۾ آمريڪا سامونڊي ٻيڙا بيهاري ڇڏيا آهن. جڏهن ته 1500 آمريڪي فوجين کان پوءِ وڌيڪ هڪ هزار فوجي وچ اوڀر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ياد رهي ته گذريل هفتي اومان ۾ جاپان ۽ ناروي جي آئل ٽينڪر کي نقصان پهچايو ويو ۽ آمريڪا اها دعويٰ ڪئي هئي ته ايران جي طرفان آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو ويو هو.