والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هڪ وڌيڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو

news

سري نگر:  (ڇنڇر 22 جون 2019ع) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج باره مولا ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ وڌيڪ نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ هڪ دفعو ٻيهر رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي هڪ ٻئي ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب قابض فوج والاريل ڪشمير جي ضلعي باره مولا ۾ اڙي جي هنڌ تي آپريشن دوران گهر گهر ڪارروائي دوران هڪ ڪشميري نوجوان کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.

ان کان علاوه ڀارتي فوج ضلع پلواما ۾ به ڪارروائي جي نالي تي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو.