سيوهڻ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي گيٽ تي پيرسن تڙپي تڙپي فوت، وارثن جو احتجاج، ٻه گارڊ گرفتار

news

سيوهڻ:ڇنڇر 22 جون 2019ع: سيوهڻ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي مک گيٽ تي دل جي آرزي  ۾ ورتل 70 ورھين جو پيرسن دوست محمد پنهور ويٺل ڳوٺ ڦڪا تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، وارثن جو اسپتال جي مک گيٽ تي احتجاج، نعري  بازي، ڪيس داخل، ٻه سيڪيورٽي گارڊ گرفتار.

ان موقعي تي عزيز الله پنهور صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي دادو سول اسپتال مان ڊاڪٽر ليٽر ڏنو ته مريض کي فوري سيوهڻ اين آءِ سي وي ڊي سيوھڻ پهچايو، اسان مريض کي صبح جو ڇھين وڳي پهچايو ته اتي موجود گارڊن اندر نه وڃڻ نه ڏنو مريض جي تڪليف وڌڻ شروع ٿي وئي، اسان گارڊن کي منٿون ڪيون پر اسان جي هڪ به نه ٻڌي وئي.

چيائون او پي ڊي بند آھي، صبح جو ڏهين وڳي اچو، اسپتال جي عملي جي لاپرواھي ۽ اجازت نه ملڻ ڪري منهنجو والد منهنجي اکين اڳيان تڙپي فوت ٿي ويو پر هنن کي رحم نه آيو، اسان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون ته لکين رپيا پگهارون کڻندڙ  ڊاڪٽرن ۽ غفلت ڪندڙ گارڊن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي طرف ايس ايڇ او سيوهڻ فوتي جي پٽ عزيزالله پنھور جي  فرياد تي ٻن گارڊن خلاف سيوھڻ ٿاڻي تي غفلت جو ڪيس داخل ڪرايو، پوليس ٻنهي گارڊن محرم پيرزادو ۽ عبدالله منگي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن اين آءِ سي وي ڊي انتظاميا موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.01