ٺڳن پاران فرانسيسي وزير جو ماسڪ پائي نو ڪروڙ ڊالرن جو فراڊ

news

پيرس: ڇنڇر 22 جون 2019ع: ڪنهن جي سڃاڻپ جي چوري ۽ ان کان رقم هٿائڻ جو سڀ کان وڏو ۽ دلچسپ اسڪينڊل سامهون آيو آهي، جرعت مند ڏوهارين فرانس جي مشرهو سياسي شخصيت ۽ وزير زان ليو لي دريون جو انتهائي حقيقي سليڪون ماسڪ ٺاهيو ۽ ان کي هڪ شخص کي پارايو جنهن پاڻ وزير بڻجي مختلف ماڻهن سان رابطا ڪيا ۽ انهن کان رقم لٽي ورتي.

ان لاءِ انتهائي چالاڪ ٺڳن پاڻ کي فرانس جي اڳوڻي دفاعي وزير ۽ هاڻوڪي پرڏيهي وزير زان ليو لي دريون جو انتهائي ويجهو ساٿي ٻڌايو ۽ ان کي چيو ته وزير پاڻ اوهان سان وڊيو تي ڳالهيون به ڪندو، جعلسازن فرانسيسي، يورپ اهم شخصيتن، سياستدانن، واپارين، خيراتي ادارن ۽ ٻين اهم شخصيتن کي فائدي جي لالچ ڏئي انهن کان رقم جمع ڪئي.

ان حوالي سان هڪ ٻيو مشهور ڊرامو شروع ڪيو ته وچ اوڀر ۽ آفريڪا وغيرا ۾ ڪيترائي فرانسيسي شهري مسلمان دهشتگردن جي قبضي ۾ آهن ۽ انهن کي ڇڏائڻ لاءِ عطيا گهريا ويا ۽ اهڙي طرح 9 ڪروڙ ڊالر رقم جمع ٿي جيڪا پاڪستان روپين ۾ 15 ارب روپين جي برابر آهي، گهڻي قدر بينڪ اڪائونٽس هانگ ڪانگ جا استعمال ڪيا ويا. جيئن ئي ٺڳن جي ڳالهين ۾ اچي ڪو شخص وڌيڪ اڳڀرائي چاهيندو ته هو جعلي وزير سان سندس وڊيو چيٽ به ڪرائي ڇڏيندا.

جنهن ڪمري ۾ وزير جو نقاب پهريل شخص ويٺو هو ان کي اهڙي طرح تيار ڪيو ويو جو ڄڻ کان سرڪاري آفيس هجي جنهن ۾ قيمتي فرنيچر، صدر جي تصوير ۽ فرانس جو جهنڊو خاص نمايان رکيو ويو هو، جڏهن ته جعلي وزير کي پري ويهاريو ويو هو ۽ ڪمري جون روشنيون هلڪيون رکيون ويون هيون.