شهدادپور ۾ آبادگارن جو مڪڙ مار اسپري شروع نه ڪرڻ خلاف احتجاج

news

شهدادپور: ڇنڇر 22 جون 2019ع:راجستان کان ٿر جي علائقن ۾ داخل ٿيل خطرناڪ مڪڙن جي يلغار  شھدادپور جي علائقن ۾ پھچي وئي، شھدادپور ويجهو ٻرھون روڊ ۽ شاھپور چاڪر روڊ جي علائقن اندر مشھور زميندار ماھي خان وساڻ ۽ ٻين جي سوين ايڪڙ وونئڻن جي فصلن ۽ ٻين زميندارن جي فصلن ۾ زرعي ماھر محمد خان وساڻ مڪڙن کي پڪڙي بوتل وجھي شھدادپور پريس ڪلب پھچي صحافين کي مڪڙ ڏيکاري سخت احتجاج ڪندي چيو ته فصلن وڻن ۽ ساوڪ لاءِ خطرناڪ بڻيل مڪڙن جي پھچڻ تي شھدادپور ۽ ڀرپاسي جي آبادگارن ۾ سخت بيچيني پکڙيل آھي.

انڊيا جي راجستان واري علائقي کان سنڌ جي اڇڙو ٿر ۽ چونڊڪو جي علائقن کان خطرناڪ ماڪڙ شھدادپور جي علائقن اندر وونئڻن جي فصلن ۾ پھچي وئي آھي، اسان آبادگارن ھنگامي گڏجاڻي ڪري ننڊ پيل زراعت کاتي سنڌ ڊي جي زراعت ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي فوري تحرڪ وٺي اسپري ڪرائڻ لاءِ درخواستون ڪيون آھن، جنھن تي زراعت کاتي ايڪشن وٺندي ٿر وارن علائقن ۾ جھاز وسيلي ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپري شروع ڪرايو ويو.

ھنن چيو ته راجستان جي علائقي کان ماڪڙ جو حملو سخت گرمي ۾ ٿيندو آھي، جيڪو تمام خطرناڪ آھي، ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ھنگامي بنيادن تي ترت قدم کڻي شھدادپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن اندر اسپري ڪرائي ۽ ننڊ پيل زراعت کاتو ماڪڙ بابت آبادگارن کي آگاھي مھم شروع ڪري ڄاڻ ڏئي، ٻي صورت ۾ ماڪڙ جي حملي سبب وڏي نقصان ٿيڻ جو خدشو آھي.01