شهدادپور پريس ڪلب ۾ صحافين کي سکيا ڏيڻ لاءِ هڪ ڏينهن وارو سيمينار، سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا

news

شهدادپور:ڇنڇر 22 جون 2019ع: شهدادپور پريس ڪلب ۾ صحافين کي سکيا ڏيڻ لاءِ اسپائر ڪونسولينٽ اينڊ ٽرينگ پاران هڪ ڏينهن جي سيمينار ذريعي سکيا ڏني وئي، آن لائين انڊس نيوز جي رپورٽر غلام عباس ساند سميت ٻين صحافين کي سرٽيفيڪٽ ڏنا ويا. اسپائر ڪونسولينٽ اينڊ ٽينرز پاران شهدادپور پريس ڪلب جي سورهيه بادشاهه ھال ۾ شهدادپور جي صحافين کي صحافت جي باري ۾ ٽرينگ ڏيڻ جو سمينار ٿي گذريو.

ٽرينگ سيمينار کي اسپائر ڪونسولينٽ اينڊ ٽرينرز جي ڊائريڪٽر عمران حبيب  خطاب ڪندي ٻڌايو ته صحافي معاشري جو هڪ اهم حصو آهن، جيڪي معاشري ۾ رهي ڪري معاشري تي گهري نظر رکن ٿا. هن چيو ته صحافت جي دنيا ۾ اسان کي اڳتي وڌڻ جي جستجو  رکڻ جي ضرورت آهي، اسان کي اڳتي ٿيڻ جي عادت رکڻ گهرجي ۽ ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي ۽  ڪتابن مان نيون شيون سکڻ ۽ الفاظن جي سڃاڻپ ٿيڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته صحافت جي دنيا جي ستارن وڏي محنت ۽ جستجو ڪري مقام حاصل ڪيا اٿن، اسان کي به محنت ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيون ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجھ اصول هوندا آهن، جئين ته يقين ڪرڻ سب کان بهتر ڪم آهي، عملي ڪم ڪرڻ تي هروقت ايڪشن ۾ رهڻ ضروري آهي، پاڻ ۾ جستجو ڊسپيلن ۽ اراده مضبوط هجن ته ڪاميابي پاڻ حاصل ٿيندي.

ان موقعي تي شهدادپور جي صحافين کي سرٽيفڪٽ ڏنا ويا ۽ پريس ڪلب شهدادپور جي صدر ارشاد بخاري پاران آيل مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا.01