لبرا قومي رياستن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي: فيس بڪ جو باني ميمبر

news

نيويارڪ: ڇنڇر 22 جون 2019ع: فيس بڪ جي شريڪ باني ميمبر ڪرس هيوز تنبيهه ڪئي آهي ته نئين ڪرپٽو ڪرنسي لبرا قومي رياستن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي ۽ ان جو مالياتي نظام مرڪزي بينڪن بدران نجي ڪمپنين وٽ هليو ويندو.

پنهنجي هڪ مضمون ۾ هن چيو آهي ته جيڪڏهن وڏي تعداد ۾ ماڻهن مقامي ڪرنسي جي جاءِ تي لبرا جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو ته رياستن جي مالياتي پاليسي تي حڪمراني ڪمزور ٿي ويندي. هيوز مطالبو ڪيو ته دنيا جي اڀرندڙ معيشتن کي مقامي بينڪن کي پابن ڪري ڇڏڻ گهرجي ته هو لبرا ۾ ان وقت تائين خريد ۽ وڪرو نه ڪن جيستائين ان جا تفصيل سامهون نه ٿا اچي وڃن.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڃان تائين لبرا جي حوالي سان خدشن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن انهن کي ڏسڻ  گهرجي ته فيس بڪ ڪهڙي طرح زندگي جي ٻين شعبن کي متاثر ڪيو آهي. هيوز موجب فيس بڪ نوجوانن کي آن لائن هراسان ڪرڻ، دهشتگردن کي پنهنجون سرگرميون سڌيون سيون ڏيکارڻ ۽ قتل عام ڪندڙ شخصيتن کي ان کي سڌو سنئون نشر ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته فيس بڪ موبائل پيغامن، خبرن ۽ صحافت کي تيزي سان تبديل ڪري ر کيو آهي. جڏهن کان فيس بڪ پنهنجي ڪرنسي جو اعلان ڪيو آهي مختلف ملڪن مان ان تي ردعمل اچي رهيو آهي، روس جي هڪ اهم ڪمپني جي سربراهه جو بيان سامهون آيو ته ان جو ملڪ لبرا کي قانوني طور تي قبول نه ڪندو ۽ ان تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي.

فرانس جي پرڏيهي وزير برونو لامائير قاعدا ۽ ضابطا سخت ڪرڻ جو چيو آهي ۽ اعلان ڪيو آهي ته لبرا هڪ خودمختيار ڪرنسي نه هوندي. اهڙي طرح يورپي پارليامينٽ جي جرمن ميمبر جو چوڻ آهي ته پنهنجي نئين ڪرنسي جي اعلان کانپوءِ فيس بڪ هڪ شيڊو بينڪ جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو.