دادلغاري ۾ پيرسن جو ڀائٽين جي زيادتين خلاف احتجاج

news

دادلغاري: (رپورٽ: اياز احمد پتافي) ڇنڇر 22 جون 2019ع:دادلغاري ويجھو ڳوٺ نٿو گبول جو رھواسي منٺار گبول جو پنھنجي ڀائٽين جي زيادتين خلاف احتجاج، منٺار گبول الزام لڳايو ته منھنجي ڀائٽين منھنجي ڀاءُ دودوگبول جي قتل جي ايف آءِ آر اصل جوابدارن مٿان داخل ڪرڻ بدران منھنجي پٽن مٿان داخل ڪرائي ڇڏي آھي، جيڪا سراسر ڪوڙي آھي.

منھنجا ڀائٽيا نثار گبول، رحيم ۽ احمد گبول ملي ڪري کين ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي منھنجي زرعي زمين ۽ گھر جو سمورو سامان کڻي ويا آھن ۽ منھنجي زمين تي به قبضو ڪري ويٺل آھن،  واضع رھي ته ھڪ سال اڳ پاڻي جي واري تي اڻڄاتل ماڻھن رات جي وقت پاڻي جي واري تان ڪھاڙين جا وارا ڪري قتل ڪري ويا ھئا.

ٻئي طرف منٺار گبول پاران ايس ايس پي گھوٽڪي کي اپيل ٿا ڪريون ته ان معاملي جو نوٽس وٺي انصاف فراھم ڪيو وڃي.01