پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد جو رات دير سان اوچتو سرڪاري اسپتال جو دورو

news

خانيوال: (آچر 23 جون 2019ع) پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد رات دير سان خانيوال ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال جو دورو ڪيو ۽ طبي سهوليتن جو جائزو ورتو.

ياسمين راشد رات جو دير سان اوچتو  خانيوال ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال جو دورو ڪيو جتي هن مريضن کي ملندڙ طبي سهوليتن جي باري ۾ بريفنگ ورتي. ان دوران ياسمين راشد چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ڏکي انسانيت جي خدمت ڪري الله تعاليٰ جو راضپو حاصل ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن کي بهترين طبي سهوليتون فراهم ڪرڻ جو عرم رکون ٿا ۽ ان لاءِ سموريون طبي سهوليتون موجود آهن. هن چيو ته ويراعظم عمران خان جي ويزن موجب سرڪاري اسپتالن ۾ حقيقي تبديلي آڻي ساهه کڻنداسين.