گهوٽڪي ۾ ننڍي چونڊ: پ پ طرفان سردار محمد بخش مهر اميدوار نامزد

news

گهوٽڪي: (آچر 23 جون 2019ع) ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيندڙ سردار محمد بخش مهر اين اي 205 گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ جي لاءِ پ پ جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. مذڪوره سيٽ سردار علي محمد مهر جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿي هئي.

تفصيل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي اين اي 205 گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ جي لاءِ سردار محمد بخش مهر کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان جي نالي جي منظوري پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏني آهي. جنهن کان پوءِ پارٽي جي صوبائي صدر نثار کهڙو کيس اميدوار نامزد ڪيو.

گذريل ڏينهن چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران سردار محمد بخش مهر چونڊ مهم بابت هدايتون ورتيون.  ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته صرف اليڪشن نه پر ڪڏهن به عوام سان رابطو نه ٽٽڻ گهرجي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار سردار محمد بخش مهر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي. ان کان اڳ سردار محمد بخش مهر صنعت ۽ واپار جي کاتي جي لاءِ وزيراعليٰ سنڌ جو صلاحڪار هو. هي سيٽ علي محمد جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿي هئي. اين اي 205 تي چونڊ 18 جولاءِ تي ٿيندي.