قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني کي نشان پاڪستان سان نوازيو ويو

news

اسلام آباد: (آچر 23 جون 2019ع)  صدر عارف علوي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني کي اعليٰ سول ايوارڊ نشان پاڪستان سان نوازيو آهي.

ايوان صدر ۾ قطر جي امير کي اعليٰ سول ايوارڊ ڏيڻ جي پروقار تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ اعليٰ سويلين، فوجي اختيارين ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. ايوان صدر ۾ معزز مهمان کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ۾ پاڪستان ۽ قطر جا ترانا وڄايا ويا.

صدر عارف علوي قطر جي امير کي نشان پاڪستان جو اعزاز ڏنو. قطر جو امير ايوان صدر ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪري رهيو آهي. قطر جو امير ايوان صدر پهتو ته صدر عارف علوي معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ روايتي لباس پهريل قطر جي امير کي گلدستو پيش ڪيو ويو.

تقريب ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور، وفاقي وزيرن ۽ وزيراعظم جي مددگارن به شرڪت ڪئي. جنهن کان پوءِ صدر عارف علوي ۽ قطر جي امير وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي جنهن دوان اهم ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.