ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ: پاڪستان جو ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا خلاف پهريان بيٽنگ جو فيصلو

news

لنڊن: (آچر 23 جون 2019ع) پاڪستاني ٽيم کي ورلڊ ڪپ ۾ اڄ بقا جي جنگ وڙهڻي پوندي. لارڊز ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ هر صورت ۾ کٽڻو پوندو. ميچ کان اڳ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

  پاڪستان کي سيمي فائينل تائين پهچڻ جي لاءِ هر ميچ کٽڻو پوندو. لاڊرز جي ميدان ۾ ڏکڻ آفريڪا جي خلاف پاڪستان جي ٽيم جو اڄ هڪ ٻيو امتحان آهي.

ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل 3 ميچون هارائڻ کان پوءِ پاڪستان جي ٽيم جو  ٽاپ فور تائين پهچڻ مشڪل ٿي ويو آهي. اگر مگر جي چڪر جي باوجود ميگاايونٽ ۾ رهڻ جي لاءِ سرفراز اليون کي هر ميچ ۾ ڪاميابي ممڪن بنائڻي آهي. شاهينن جي لاڊرز ۾ تياريون جاري آهن پريڪٽس دوران رانديگرن گهڻو پگهر وهايو آهي ۽ سرفراز به وڪيٽ  ڪيپنگ جي ڪافي دير تائين پريڪٽس ڪئي.

ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا خلاف ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون آهن. شعيب ملڪ ۽ حسن علي کي ڊراپ ڪري حارث سهيل ۽ شاهين آفريدي کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.