آرمي چيف پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ميچ ڏسڻ لاءِ لارڊز اسٽيڊيم پهچي ويو

news

لنڊن: (آچر 23 جون 2019ع) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميچ ڏسڻ لاءِ لارڊز اسٽيڊيم پهچي ويو. لنڊن ڪرڪيٽ گرائونڊ لارڊز ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ دلچسپ ميچ جاري آهي.

ميچ ڏسڻ لاءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه به اسٽيڊيم پهچي ويو آهي.  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سميت ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ۽ برطانوي پرڏيهي وزير جيرمي هنٽ به ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم پهتا.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم آمد وقت پاڪستاني ٽيم جي مداحن سان به ملاقات ڪئي. ان دوران  ڪجهه نوجوانن پاڪستان زنده باد جا نعرا به هنيا.