بدين ۾ لاڙ بچايو ڪاميٽي پاران واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج جو چتاءَ

news

بدين: آچر 23 جون 2019ع:سيڊا چيئرمين جي واعدي جي باوجود بدين ۾ ساريالي فصل وارن علائقن جي واهن ۾ پاڻي نه پهتو آبادگارن پاران احتجاج جو چتاءُ. خبر موجب جون جو مهينوختم ٿيڻ جي ويجھو هئڻ جي باوجود ڪوٽڙي بئراج ڪمانڊ ايريا ۾ ڦليلي ڪئنال ۽ علي پور ڊائون ڊويزن جي مختلف 6 ماهي واهن مير واھ ماڻڪ واھ نصير واھ چانري واھ مورجھر شاخ ۽ ٻين واهن ۾ پاڻي نه پهچي سگھيوآهي جنهن سبب ساريالي فصل لاءِ ٻيجارو توڙي رونبو نه ٿي سگھيوآهي ان سلسلي ۾ لاڙ بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن مير محمد پرهياڙ، محمد علي شاھ، واحد بخش چانڊيو، حيدر شاھ، عبدالقادر چانڊيو، رياض احمد ڀٽي، عثمان بجير ۽ ٻين آبادگارن بدين پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪجھ ڏينهن پهرين سيڊا چيئرمين عبدالباسط سومري سان حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي هئي.

جنهن ۾ اسان ڦليلي ڪئنال سان گڏ اڪرم واھ ڊويزن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف شڪايتون ڪيون، جنهن تي سيڊا چيئرمين واعدو ڪيو ته 4 ڏينهن ۾ ڦليلي ۽ اڪرم واھ ڊويزن تي پاڻي جو کوٽ جو مسئلو حل ڪيو ويندو پر هڪ هفتو گذرڻ باوجود ڦليلي ڪئنال علي پور ڊائون ۽ اڪرم واهه ۾ پاڻي ۾ واڌارو نه آيو آهي، جنهن سبب ساريالي فصل لاءِ ٻيجارو توڙي رونبو نه ٿي سگهيو آهي.

هنن چيو ته لاڙ بچايو ڪاميٽي فيصلو ڪيو آهي، ڦليلي ڪئنال علي پور ڊائون ۾ حصي جو پاڻي نه پهچڻ خلاف احتجاج جو دائرو ضلعي سطح کانپوءِ پوري لاڙ جي پٽي ۾ وڌايو ويندو. ان سلسلي ۾ اسان مختلف سياسي سماجي پارٽين ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي جي سيد جلال محمود شاهه، جمعت علماءِ اسلام، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جن اسان کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو آهي.

هوڏانهن آبپاشي جي وزير سيد ناصر شاهه پاران ڪجهه ڏينهن پهرين بدين جي دوري دوران بدين ضلعي مختلف واهن خاص ڪري پوڇڙ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائڻ واري واعدي تي عمل نه ٿيڻ بعد لاڙ آبادگار ايسوسيئشن بدين پاران احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ آبادگارن جي  گڏجاڻي صدر حاجي حنيف خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري گل محمد منڌرو، خدا بخش پرهياڙ، غلام رسول لٽر، رئيس گولو چانگ ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ٿي  جنهن دوران ڳالهائيندي آبادگارن چيو ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيڻ بعد بدين ضلعي کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ بدران پنڃاري ۽ ڪي بي فيڊر کي پاڻي ڏنو پيو وڃي جيڪا سرار زيادتي آهي.

ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته بدين ضلعي کي حصي جو پاڻي نه ملڻ خلاف 28 جون تي بدين شهر ۾ هڙتالي ڪري ڪراچي روڊ تي شاميانه هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو آبپاشي وزير جي اچڻ ۽ ڳالهيون ڪري بدين کي حصي جو پاڻي ملڻ تائين جاري رهندو.01