ڪوٽڙي ۾ پنهور اتحاد ضلعي ڄامشورو جي نون عهديدارن کي حلف کڻائڻ واري تقريب

news

ڪوٽڙي:آچر 23 جون 2019ع: ڪوٽڙي ۾ پنهور اتحاد ضلعي ڄامشورو پاران پنهور اتحاد تنظيم جي ٻئي سالگراهه ۽ ضلعي جي نون عهديدارن کي حلف کڻائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ پنهور اتحاد جي مرڪزي چيئرمين سميت پنجاب ۽ سنڌ صوبي جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان کان اڳ ۾ ڪوٽڙي ڦاٽڪ تي پنهور تنظيم ضلعي ڄامشورو جي اڳواڻن رمضان پنهور، سعيد قادر پنهور، مير پنهور پاران پنهور اتحاد جي مرڪزي چيئرمين سردار مير تيمور خان پنهور جو شانداز استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪري ريلي جي صورت ۾ خداجي بستي گرائونڊ ۾ جلسي گاهه ۾ پهچايو ويو.

ان موقعي ته جلسي کي پنهور اتحاد جي مرڪزي چيئرمين سردار مير تيمور خان پنهور خطاب ڪندي چيو ته  پنهور اتحاد ٺهندي چار سان گذري ويا آهن، پنهور اتحاد ۾ هڪ اهو فائدو آهي جو پنهور برادري جا ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ غريب  پنهور برادري جا ماڻهو ويٺل آهن جنهن کي  ايم پي اي ۽ ايم اين ۽ سرڪار عملدارن  وٽ پهچي نٿا سگهن  ان لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي هي اتحاد ٺاهيو آهي ته جيئن پنهور برادري جا جائز ڪم جلد کان جلد ٿي سگهن.

آخر ۾ مرڪزي چيئرمين سرادر مير تيمور خان پنهور پاران ضلعي ڄامشورو جي عهديدارن ضلعي صدر راشد پنهور، سينيئر نائب صدر غلام مصطفيٰ پنهور، نائب صدر زاهد پنهور، جنرل سيڪريٽري اعجاز پنهور کي پنهنجي عهدي جو حلف پڻ کڻايو ويو.01