هڪ ئي وقت ڪيترن ئي اوزارن کي چارج ڪندڙ شمسي ميز

news

بارسلونا: آچر 23 جون 2019ع: هاڻ اهو حال آهي جو هر گهر ۾ چارجنگ جا ڪيترائي دستي اوزار آهن ۽ ڪجهه وقتن ۾ هڪ وقت ۾ چارج ڪرڻ ۾ ڏکيائي به پيدا ٿي ويندي آهي، ان جو حل هڪ هسپانوي ڪمپني اي بورڊ جي صورت ۾ پيش ڪئي آهي جيڪا شمسي توانائي جمع ڪرڻ واري هڪ ميز آهي ۽ هڪ وقت ۾ ڪيترائي اوزار چارج ڪري سگهي ٿي.

اي بورڊ ميز سج يا هٿرادو روشني سان به توانائي ٺاهي سگهي ٿي، جيتوڻيڪ پهرين نظر ۾ اها هڪ سادي ميز ڏسڻ ۾ اچي ٿي پر ان جي اندر جديد ٽيڪنالاجي پيل آهي، پر ان ۾ هڪ ٻه نه پر 50 چارجنگ ڪوائل لڳل آهن يعني هڪ وقت ۾ ٽن کان چئن اوزارن کي ان تي چارج ڪري سگهجي ٿو.

اي بورڊ چي Qi ٽيڪنالاجي تي ٻڌل پليٽفارم ٺاهيا ويا آهن جنهن جو مطلب آهي مشهور سمارٽ فون جا ڪجهه جديد ماڊل ان مان تار جي بنا چارج ٿي سگهن ٿا، ان ۾ آءِ فون ۽ گليڪسي جا جديد ماڊل گوگل پڪسل ٿري ۽ ٿري ايڪس ايل، تقريبن سموريون مشهور سمارٽ واچ، ٽيبليٽ ۽ ايئربڊ ايئرفون شامل آهن.

ها جيڪڏهن ڪنهن فون ۾ وائرليس چارجنگ جي سهولت ناهي ته ميز سان وڪرو ٿيندڙ ٻه ايڊاپٽرز به مهيا ڪيا پيا وڃن. سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته ميز کي ڪنهن پلگ ۾ لڳائڻ جي ضرورت ناهي پر اهو فوٽووولٽائڪ توانائي آهي ۽ سج جي روشني سان بجي ٺاهي ٿي، جيڪڏهن اُس غائب آهي ته هٿرادو روشني سان به اها تسلي بخش ڪم ڪندي آهي.