ڪراچي: ناردرن باءِ پاس ويجهو پوليس مقابلو: ٽي دهشتگرد مارجي وياٰ

news

ڪراچي:(سومر 24 جون 2019ع)  ڪراچي مين ناردرن باءِ پاس ويجهو پوليس مقابلي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 2 فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس اختيارين موجب اهم ڄاڻ تي ناردرن باءِ پاس ويجهو خدا بخش ڳوٺ ۾ پوليس اهلڪار پهتا ته اتي پهريان کان موجود جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ايس ايس پي عرفان بهادر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ طلعت محمود ۽ عثمان عالم جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته ٽئين جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق ڪالعدم لشڪر جهنگوي سان هو. دهشتگردن کان خودڪش جيڪٽ، 3 هينڊ گرنيڊ، ڪلاشنڪوف سميت ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب مارجي ويل خطرناڪ دهشتگرد طلعت محمود عرف يوسف جو رڪارڊ جمع ڪيو ويو آهي. مارجي ويل دهشتگرد القاعده ڪراچي سيٽ اپ جو امير هو جيڪو صفوره سانحي ۾ ملوث دهشتگردن جو ويجهو ساٿي هو. دهشتگرد جو تعلق القاعده عبدالرزاق عرف راجه گروپ سان هو.