حيدرآباد ۾ ايريگيشن کاتي ڄامشورو جي ملازمن پاران ٺيڪيداري نظام خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) سومر 24 جون 2019ع:ايريگيشن کاتي ڄامشوو جي مڪينيڪل ونگ جي ملازمن ٺيڪيداري نظام خلاف اولڊ ڪيئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي يونين اڳواڻن  محمد مٺل شورو، فرقان بيگ ۽ ٻين چيو ته گذريل 10 سالن ايريگيشن مڪينيڪل ونگ ذريعي ٿيندڙ ڪم جنهن ۾ واهن جي کوٽائي، صفائي، گيٽس ۽ گيئرنگ جا ڪم شامل آهن.

اهي سمورا ڪم ايريگيشن سول ونگ جا انجنيئر پنهنجي من پسند ماڻهن کان ڪرائي رهيا آهن، جنهن ڪري ايريگيشن مڪينيڪل ورڪشاپ ۾ مشينري ۽ هيوي ارٿ موونگ مشينري مستقل فارغ هجڻ سبب ناڪارا ٿيندي پئي وڃي ۽ ان جا ذميوار ايريگيشن سول جا اعلي آفيسر آهن، ۽ مڪينيڪل ڊويزنز جي مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ اسٽاف پنهنجون صلاحيتون وڃائيندو پيپ وڃي.

يونين اڳواڻن وزيراعلي سنڌ ۽ سيڪريٽري آبپاشي کان مطالبو ڪيو ته مڪينيڪل جو ڪم مڪينيڪل کان ورتو وڃي ۽ ٺيڪيداري نظام جو خاتمو آندو وڃي واهن جي کوٽائي، صفائي، گيٽس ۽ گيئرنگ جو ڪم مڪينيڪل ڊويزن کي ڏنو وڃي ته جيئن مڪينيڪل ڊويزن جي ملازمن جي بيچيني ۽ مايوسي ختم ٿي سگهي.01