حيدرآباد ۾ آبادگار جو شوگر مل دادو جي انتظاميا خلاف احتجاج

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو)سومر 24 جون 2019ع: دادو جي رهواسي دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا آباد گار نيو دادو شوگرمل پاران رهتون ادا نه ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پٽ سميت سميت حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي پيرسن امان الله انصاري چيو ته هو دل جي تڪليف واري مرض ۾ مبتلا آهي جنهن جي علاج لاءِ سندس وٽ  پئسا نه آهن.

هن چيوته نيو دادو شوگر ملز پيارو اسٽيشن پاران گذريل 3 سالن جي ڏنل ڪمند جي رقم 10لک روپيا اڃان تائين ادا ناهن ڪيا.

جڏهن ته مل انتظاميا رقم ڏيڻ جا صرف آسرا ڏئي رهي آهي، هن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته نيو دادو شوگر ملز کان  رهيل ڪمند جا پيسا ڏياري انصاف ڪيو وڃي.01