حيدرآباد ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران نوڪري مان برطرف ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد (رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) سومر 24 جون 2019ع:سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران جبري طور پگهارون بند ڪري نوڪري مان برطرف ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اعجاز کوسو، گڊو قمبراڻي، مزمل قريشي، گلفام قائمخاني ۽ ٻين چيو ته اسان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد ريجن ۾ گذريل 15 سالن کان ڪم ڪري رهيا آهيون. هنن چيو ته 2013 جي نوٽيفڪيشن مطابق صوبائي کاتن ۾ ڪم ڪندڙ عارضي ملازمن جي رپورٽ طلب ڪئي وئي. 

جنهن کان ٻين کاتن ۾ ڪچن ملازم کي پڪو ڪيو ويو پر 2012 کان 2015 جي وچ ۾ اسان کي نظر اندار ڪري سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کاتي ۾ 1145 من پسند ماڻهن کي غير قانوني طور ڀرتي ڪيو ويو، جنهن جي جاچ نيب ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن ۾ هلي رهي آهي. هنن چيو رمضان شريف ۾ ڪچن ملازمن جون پگهارون بند ڪري فاقاڪشي واري صورتحال پيدا ڪئي وئي. هنن الزام هڻندي چيو ته سنڌ بلڊنگ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل پگهارون بند ٿيڻ بابت ٻڌايو ته بلديا کاتي جي منسٽر پگهارون بند ڪري نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي.

هنن سنڌ حڪومت ۽ بلديات جي منسٽر سعيد غني کي اپيل ڪئي ته ڪچن ملازمن جون رهيل پگهارون جلد جاري ڪري کين نوڪرين تي پڪو ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.01