سڪرنڊ ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ناري فوت، وارثن جو حيسڪو خلاف ڌرڻو

news

سڪرنڊ: سومر 24 جون 2019ع:سڪرنڊ جي پاڙي مهڙ ڪالوني ۾ مرحوم پورهيت حاجي خان سولنگي جي نياڻي مسمات صنم سولنگي گهر ۾ ڌوتل ڪپڙا اس تي سڪائڻ لاءِ گهر جي ڇت تي چڙهي ته حيسڪو جي 11 هزار وولٽيج وارين تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي، فُوتي نياڻي جي وارثن لاش کڻي حيسڪو سڪرنڊ آفيس آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي فوتي نياڻي جي ڀاءُ ارباب سولنگي  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان ڪافي ڀيرا ايس ڊي او واپڊا سڪرنڊ کي شڪايتون ڪيون آھن ته هي تارون جيڪي اسان جي گهرن جي مٿان آهن، سي بلڪل هيٺ آھن، انھن کي هڪ پاسي ڪيو ڪنهن وقت به ڪو نقصان ٿي سگھي ٿو پر حيسڪو سڪرنڊ اسان جي هڪ نه ٻڌي، رڳو آسرا ڏيندا رهيا.

ٻئي پاسي ڪلاڪ ڌرڻي کانپوءِ ايس ايڇ او سڪرنڊ امام الدين مارفاڻي، حيسڪو عملدار خادم حسي پرهياڙ، پ پ اڳواڻ نور احمد رند ۽ قوم پرست اڳواڻ مسعود شاھ وارثن وٽ پهچي متاثرن سان ڳالھيون ڪيون، حيسڪو عملي يقين ڏياريو ته اسان اهي تارون لاهيون ٿا، تڏي تي به اچون ٿا، ڌرڻو ختم ڪيو، جنهن بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪيو.01